خان محمد بروهي 2

خان محمد بروهي 2: خان محمد ولد سومر خان بروهي، 1880ع ڌاري مستونگ ۾ ڄائو جتان مختصر تعليم حاصل ڪري برطانوي فوج ۾ شامل ٿيو. هو هڪ دلير فوجي هو. فوج ۾ نمايان خدمتون انجام ڏيندو هو. 1921ع ۾ ڪئپٽن، 1927ع ۾ ميجر ۽ 1932ع ۾ ليفٽيننٽ ڪرنل مقرر ٿيو ۽ جلد ئي رٽائر ٿيو. جشن فتح جي سلسلي ۾ 1919ع ۾ بڪنگهم پيلس ۾ هن هڪ اهم فوجي علمدار جي حيثيت سان شرڪت ڪئي. فوجي خدمتن جي سلسلي ۾ کيس ’سردار بهادر‘ جو لقب ڏنو ويو.
9-1918ع ڌاري ترڪيءَ سان جنگ دوران فلسطين جي محاذ تي ترڪيءَ جي ستين ۽ اٺين ريجمينٽ کي ختم ڪرڻ جو کيس سرٽيفڪيٽ ۽ اعزاز مليو.
فوج ۾ نوڪريءَ دوران هن فلسطين، عدن، شام، عراق، مصر ۽ افغانستان جي محاذن تي جنگي ڪارناما سرانجام ڏنا. 18 سالن جي عمر ۾ فوج ۾ ڀرتي ٿيو هو. 1900ع ۾ چين سان جنگ دوران کيس صوبيدار جو عهدو ڏنو ويو. نوجوانيءَ جي دور ۾ جيڪب آباد لڏي آيو. 1912ع کان ويهن سالن تائين برطانيه گورنمينٽ طرفان خيرپور رياست ۾ سروس ڪيائين. بلوچ ريجمينٽ جو بنياد وڌائين. فوج جي خدمتن جي مڃتا طور کيس Member of British Empire، Order of British India (OBI) ۽ Indian Order of merite- knight hood جا اعزاز حاصل رهيا.
کيس آخري سروس دوران هز هائينس جو اعزاز به ڏنو ويو. اهڙا سرٽيفڪيٽ ۽ اعزاز سندس پٽ عبدالقادر وٽ اڄ به موجود آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو